17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو غلام حيدر: علي بحر واھ ۾  پاڻي نه پھچڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

Tando Ghulam Haider: Residents protesting against water supply in the Ali Seaٽنڊي غلام حيدر  جي  علي بحر واھ ۾  پاڻي پڇڙي تائين نه پھچڻ خلاف آبادگارن ۽ ڪڙمين پاران احتجاج ڪيو ويو .

آبادگارن ۽ ڪڙمين مٺو مڪواڻو، روجي ڪولھي، محمد حسن مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته علي بحر واھ جو پاڻي پوڇڙي ۾ نه پھچڻ ڪري پوکيل سارين جو ٻيجارو توڙي فصل سڪي سڙي  تباهه ٿي ويو آهي.

آبادگارن ٻڌايو ته واھ تي 100 کان مٿي لڳل  غيرقانوني لفٽ مشينن  سبب پاڻي پوڇڙي تائين  نٿو پهچي .

 هنن ڊي جي رينجرس کي اپيل ڪندي چيو ته واھ تي ھلندڙ غير قانوني لفٽ مشينن خلاف ڪارورائي ڪري پاڻي پوڇڙي تائين پھچائي آبادگارن کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے