14 بدھ , نومبر 2018

روسي سائنسدان مبينا طور ملڪ جي ڳُجهي معلومات آمريڪا حوالي ڪري ڇڏي

Russian scientist, apparently quoted the country's secret information to Americaماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي سائنسدان وطن سان غداري ڪندي مبينا طور تي مستقبل جي جديد ترين جنگي جهاز مگ 41 (MiG-41) بابت انتهائي ڳجهي معلومات آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏي. جنهن بعد اربين ڊالرن جي تحقيق سان تيار ڪيل اهو شاهڪار جهاز جي عملي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ئي بيڪار ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي. ٻئي پاسي ڳجهي معلومات لِيڪ ڪندڙ روس جي سينٽرل ريسرچ انسٽيٽيوٽ سان سالهاڙيل وڪٽرڪدرياتسوف کي گرفتار ڪري کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. روسي نيوز ايجنسي ٽاس (Tass) جي رپورٽ موجب اهو واضح ناهي ته ڳجهي معلومات نيٽو جي ڪهڙي ميمبر کي فراهم ڪئي وئي آهي، ميڊيا جي رپورٽن موجب وڪٽر ڳجهي معلومات آمريڪا کي ڏني آهي. رپورٽ موجب اها معلومات جديد ترين مگ 41 جنگي جهاز بابت آهي، جيڪو آواز کان پنج سيڪڙو تيز اُڏام ڪرڻ جي صلاحيت يعني هائپر سونڪ آهي، ۽ 2020 ۾ روسي فوج کي استعمال لاءِ ڏنو ويندو. ان جهاز کي مگ 31 جنگي جهاز جي متبادل طور تي تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جي عمر 2028 ۾ پوري ٿي ويندي. نيو ڪليئر ۽ روايتي هٿيار کڻي ويندڙ جنگي جهاز مگ 31 جو اَپ ڊيٽڊ ورزن ناهي پر اهو هڪ بلڪل جديد سڪسٿ جنريشن مشين آهي.جنهن کي آمريڪا جي ايف 22 ۽ ايف 35 جهازن کي آساني سان ٽارگيٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ قرار ڏنو پيو وڃي. 4 هزار 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان به وڌيڪ تيز اُڏام ڪندڙ مگ 41 تي نه رڳو هائپر سونڪ ميزائل لڳائي سگهجن ٿا پر خود جهاز کي ڊرون طور تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.  روسي صدر ولاديمير پيوٽن ان کي ”باهه جو گولو“ قرار ڏنو آهي. هوڏانهن آمريڪا جي اسٽريٽيجڪ ڪمانڊ جي سربراهه جنرل جان هائٽن حڪومت کي خبردار ڪيو آهي روس خلاف دفاعي قدم نه کنيا ويا ته تمام گهڻي دير ٿي ويندي، ڇو ته ان جي ٽيڪنالوجي سامهون آمريڪا بيوس آهي. پر هاڻ آمريڪا مستبقل ۾ استعمال لاءِ تيار ڪيل روسي جنگي جهاز جي معلومات حاصل ڪري فائدو ۾ آهي، پر هتي روس لاءِ اهو سبق آهي ته هو محنت ڪن، بچاءُ تي اربين ڊالر خرچ ڪن ، پر سڪون سان ويهڻ کان اول وطن جي غدارن کان هوشيار رهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے