18 اتوار , نومبر 2018

ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ امپائر عليم ڊار۽  ڪبوترن وچ ۾ مقابلو

In the Aagascist Test, the Imperial Alien Dare and the Prophets competeبرمنگهم(اسپورٽس نيوز) ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ پاڪستاني امپائر عليم ڊار ڪبوترن کي اُڏائيندي نظر آيو، پر راند تي اثر انداز ٿيڻ سبب کيس ائين ڪرڻو پيو. انگلش اوپنر ڪيٽن جيننگز پنهنجي آئوٽ ٿيڻ جو سبب ڪبوترن کي قرار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن ڀارت کان اڳ ميچ جي پهرين صبح 42 رنسون اسڪور ڪيون پر 36 هين اور جي شروعات کان اڳ مڊ وڪيٽ تي ڪبوتر نظر آيو. ان کي اُڏارڻ لاءِ هن شو جي آواز ڪڍي پر هو اتان نه اُڏريو، جنهن ٻئي اينڊ تي موجود جوئي روٽ ٻئي هٿ مٿي ڪندي ڪبوتر طرف ڀڳو پر ان جو به ڪبوترن تي ڪو اثر نه پيو. آخرڪار اسڪوائر ليگ تي موجود امپائر عليم ڊار ڪبوترن کي اتان اُڏارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو ان ۾ ڪامياب ٿي ويو. جنهن بعد  شامي جي بال تي جيننگز  آئوٽ ٿي ويو جنهن بعد کائنس پڇو ويو ته ڇا ان جو سبب ڪبوتر ته نه هئا جنهن اوپنر چيو ته هو آئوٽ ٿيڻ جي ذميدار ڪبوترن کي قرار نه ڏيندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سڄو ڏينهن ڪبوتر راند مداخلت ڪندا رهيا، ڪيترائي ڀيرا عليم ڊار انهن کي اُڏارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ابوظهبي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به بالرن جي نانءُ، ڪيويز جي شاندار واپسي

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ابو ظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڪيوي ٽيم ڀرپور واپسي ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے