19 پیر , نومبر 2018

نيوز: گاجي کهاوڙ: شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، پوکي نھ ٿي،  ڏڪار واري صورتحال

Gaji Khuawar: Water shortage, Drought all over crops*گاجي کهاوڙ جي شاخن ۾ هن مهل تائين زرعي پاڻي نه پهتو، سارين جو ٻج به نه پوکجي سگهيو، علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن ڪري  لڏپلاڻ ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

آبادگارن ۽ ڪڙمين جو چوڻ آهي ته زرعي پاڻي جي اڻهوند سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي .

 ڳوٺاڻن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب علائقي ۾ غربت واري صورتحال پيدا ٿيندي جنهن ڪري بدامني وڌندي ۽ لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو .

علائقي واسين سنڌ سرڪار کي ايپل ڪئي آهي ته زرعي پاڻي فراهم ڪري علائقي واسين کي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے