17 ہفتہ , نومبر 2018

هيئر ڪنڊيشنر جا مختلف حيرت ۾ وجهندڙ فائدا

Benefits of various varieties of heir containerڪراچي(ويب ڊيسڪ) وارن کي خوبصورتي لاءِ ته توهان هيئر ڪنڊيشنر جو استعمال ڪيو ئي هوندو پر اهو توهان لاءِ ڪيترو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ان بابت ڄاڻ آهي؟ جي بلڪل وارن کان هٽي ڪري ته اهو روزاني ڪم ڪار جي ۾ سامهون ايندڙ پريشانين کان ڇٽڪارو  ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي جنهن باري ۾ اڪثر ماڻهن کي علم ئي ناهي هوندو. هتي ان جا ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ استعمال جا طريقا ٻڌائي رهيا آهيون جيڪي توهان جي زندگي ۾ ڪافي آساني پيدا ڪري سگهن ٿا.

ميڪ اپ هٽائڻ:

مهانگن ميڪ اپ ريموور جي ان وقت ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ان  بهترين متبادل توهان جي گهر ۾ موجود هجي؟ جي ها هيئر ڪنڊيشنر فوري طور تي ۽ سولائي سان ميڪ اپ کي چهري تان هٽائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

آڱر ۾ ڦاسي پوندڙ منڊيءَ کي ڪڍڻ :

جيڪڏهن توهان جي آڱر ۾ ڪا منڊي ڦاسي پئي ته اهڙي صورتحال ۾ توهان ڇا ڪنداڍ؟ هيئر ڪنڊيشنر جي بوتل کي کڻو ۽ ڪجهه مقدار ۾ آڱر تي لڳايو، منڊيءَ  پاڻ خود به خود آڱر کان آجي ٿي ويندي.

زپ کي ٺيڪ ڪرڻ:

جيڪڏهن جيڪٽ جي زپ ڦاسي پئي آهي يعني بند يا کلي ناهي رهي ته توهان هيئر ڪنڊيشنر جو ڪجهه مقدار کي زپ جي داڻن تي مليو ته جيئن ٻئي دفعي اهو مسئلو پيدا نه ٿئي.

اوزارن کي زنگ لڳڻ کان بچايو:

پنهنجي ٽول باڪس ۾ موجود اوزارن ۽ ٻين شين جي سارسنڀال لاءِ ان تي هيئر ڪنڊيشنر کي لڳائي رکي ڇڏيو، ان تي زنگ نه چڙهندو.

اسٽين ليس اسٽيل کي چمڪايو:

مهانگن اسٽين ليس اسٽيل پالش  کي وساري ڇڏيو، بس رڳو هيئر ڪنڊيشنر کي پنهنجي نلڪييا ڪنهن به شيءَ تي لڳائي جنهن کي چمڪائڻ چاهيو ٿا، پوءِ نرم ڪپڙي سان رهڙيو ۽ توهان ان جو نتيجو ڏسي دنگ رهجي ويندئو.

ريشي ڪپڙن کي صاف ڪيو:

ڇا توهان ريشمي ڪپڙن تي لڳل ڊرائي ڪلين جي ليبل کي ڏٺو آهي؟  ان جو سستو متبادل هيئر ڪنڊيشنر جي صورت ۾ موجود آهي، بالٽي کي گرم پاڻي(اڇي ڪپڙن لاءِ) يا ٿڌي پاڻي(رنگين ڪپڙن لاءِ) سان ڀريو ۽ ان ۾ هڪ چمچو هيئر ڪنڊيشنر کي شامل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪپڙن کي پاڻي ۾ ڀڄائي ڪجهه منٽن لاءِ ڇڏي ڏيو، پوءِ ٻاهر ڪڍي ڌوئي سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏيو.

چمڙي جي جوتن جي حفاظت ڪيو:

سياري جي مند ۾ خاص طور تي اهڙن علائقن ۾ جتي برفباري پوندي آهي اتي جوتا خراب ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن، ته چمڙي جي جوتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪجهه مقدار ۾ ڪنڊيشنر انهن تي لڳائي ڇڏيو.

ان کان سواءِ هيئر ڪنڊيشنر، دوازن جو زنگ، پائپ ڊرين کي کولڻ، جسم تان اسٽيڪرز، هنڊيج ۽ عارضي ٽيٽوز هٽائڻ، سسي ويل سوئٽر کي پنهنجي اصل شڪل ۾ واپس آڻڻ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے