14 بدھ , نومبر 2018

باليووڊ جون ٽه وڏيون فلمون فني خان، ڪاروان ۽ ملڪ ريليز

More movies by bollywoodFunny khan karwaan mulk releaseممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جون ٽه وڏيون فلمون، ”فني خان“ ”ملڪ“ ۽ ”ڪاروان“ اڄ ريليز لاءِ سينما گهرن ۾ پيش ڪيون وينديون. انهن فلمن ۾ باليووڊ جي ناليوارن ستارن پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. ٽنهي فلمن ۾ ايشوريا راءِ بچن، انيل ڪپور، رشي ڪپور ۽ عرفان خان جهڙا وڏا اداڪار شامل آهن. فلمن جي ڪهاڻي هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف آهي. ٽنهي فلمن کي باليووڊ جي تجزيه نگارن طرفان مليل جليل ردعمل ڏنو پيو وڃي. فلم” فني خان“۾ايشوريا راءِ، انيل ڪپور ۽ راج ڪمار رائو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊرامائي ۽ مزاحيا فلم ڪاروان ۾ ناليواري اداڪار عرفان خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم ساڻس ڊلڪر سلمان، ۽ مٿلا پارڪر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مالڪ فلم ۾ باليووڊ ليجنڊري اداڪار رشي ڪپور ۽ تاپسي پنو گڏ ڪم ڪيو آهي، هن فلم جي ڪهاڻي هڪ مسلم خاندان تي ٻڌل آهي، جن مٿان دهشتگردي جي مدد ڪرڻ جو الزام هوندو آهي، فلم ۾ تاپسي پنو وڪيل جو ڪردار ادا ڪيو آهي،ٽئي فلمون اڄ سڄي دنيا ۾ ريليز ٿي رهيون آهن، جڏهن ته فلم مُلڪ تي پاڪستان ۾ پابندي لاڳائي وئي آهي. رپورٽن موجب پاڪستان جي وفاقي سنسر بورڊ فلم ملڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے