15 جمعرات , نومبر 2018

باليووڊ جي سينيئر اداڪارا ايشوريا راءِ بچن هدايتڪار بڻجڻ جي خواهشمند

Bollywood actress Ashikya Rai Bachchan, a member of the ممبئي(شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن جو شمار باليووڊ جي بهترين ادڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ هاڻ هن پنهنجي ڪيريئر ۾ هدايتڪار بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مستقبل جي منصوباندي تي ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته هو مستقبل ۾ هدايتڪار بڻجڻ چاهي ٿي، پر ائين ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ايشوريا راءِ جو چوڻ هو ته ڪجهه ورهين بعد، هو يقينن هدايتڪار بڻجي ويندي، سمورن هدايتڪارن ۽ ساٿي اداڪار مونکي ان  فيلڊ اچڻ جو چيوآهي. ايستائين جو اڀيشيڪ پڻ چيو آهي ته مان فلمن جي هدايتڪاري ڏيان. اداڪارا وڌيڪ چيو ته هوءَ جڏهن به ڪنهن فلم جي هدايتڪاري ڏيندي، ته پنهنجو سمورو وقت ان فلم کي ڏيندي، مان پنهنجي هر ڪم کي پورو وقت ڏيندي آهيان. ياد رهي ته ايشوريا راءِ جي فلم” فني خان“اڄ ريليز ٿي رهي آهي. ان فلم ۾ اداڪارا سان گڏ انيل ڪپور ۽ راج ڪمار رائو ڪم ڪيو آهي. ان حوالي سان ايشوريا جو چوڻ آهي ته فلم فني خان ۾ هن جا رڳو چار سين آهن، ان باوجود هدايتڪار اتل مجنريڪر کان سٺي طرح ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ وجهڙائي ۾ وڃي ڪردار کي سمجهو. هن وڌيڪ چيو ته هدايتڪار بڻجڻ ۾ اڃان وقت لڳندو، ڇو ته کيس هن وقت تمام سٺا اسڪرپٽ ملي رهيا آهن، جنهن ۾ هو ڪم ڪندي. ياد رهي ته فلم فني خان بعد ايشوريا راءِ جي ايندڙ فلم ”گلاب جامن“ هوندي. ان فلم ۾ هن سان گڏ سندس مڙس اداڪار اڀيشيڪ بچن سان ڪم ڪندي نظر ايندي. فلم ”گلاب جامن“ جي شوٽنگ جي شروعات جلد ٿيندي، امڪان آهي ته فلم ايندڙ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے