18 اتوار , نومبر 2018

مومنه مسحسن نئين هيئر ڪلر تي مداحن جا دلچسپ تبصرا

Mommy Mussheen's exciting comment on fans on the new heir clerksڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري ڳائڻي مومنا مسحسن اڪثر ڪري مختلف انداز ۽ هيئر اسٽائل سان گڏ سامهون ايندي رهندي آهي، ويجڙائي ۾ هن پنهنجن وارن کي نئين انداز ۾ ڊائي ڪرايو ۽ ان جي تصوير سوشل ميڊيا تي شئير ڪئي، جنهن کي ڏسي جتي ڪجهه مداحن پسندگي جو اظهار ڪيو، اتي ئي وري ڪجهه واهپيدارن ان کان ناپسندگي جو اظهار ڪيو جڏهن ڪجهه ماڻهن دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا. خوبصورت  ڳائڻي مومنه مسحسن اڄ ڪلهه لبنان جي شهر بيروت جي دوري تي موجود آهي، جتي هو سير سفر ڪري رهي آهي ۽ ان دوران ئي هن نئون هيئر ڪلر پڻ ڪرايو آهي.  مومنه بيروت جي مشهور سيلون مونير مان وارن کي ڳاڙهو رنگ ڪرايو ۽ هيئر ڊائي ڪرائيندي سڄي عمل جي ويڊيو پڻ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي. ڪجهه مداحن طرفان مومنه مسحسن جي نئين هيئر ڪلر تي پسندگي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ڪجهه ان تي ناپسندگي جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جي وارن تي ڳاڙهو رنگ سٺو ناهي لڳندو. ان سان گڏوگڏ ئي ڪجهه واهپيدارن دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا. ڪنهن لکيو ته ”تبديلي اچي وئي آهي، ته وري ڪنهن مومنه کي ”ريڊ وومين“ جو لقب سان نوازي ڇڏيو. هڪ واهپيدار لکيو ته  ”Momina caught red headedin Lebanon “هڪ واهپيدار تبصرو ڪيو ته سندس نانيءَ جا وار بلڪل اهڙا آهن. جڏهن هڪ واهپيدا مومنه جي وارن جي رنگ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته پاڪستانيو، ڪڏهن ڪجهه  نئون به ٽرائي ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته مومنه مسحسن ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ راحت فتح علي خان سان گڏ” آفرين آفرين“ گيت کان مشهوري ماڻي جنهن هو ڪيترن گيتن ۾ پنهنجي آواز جو جادوجاڳائي چڪي آهي. ويجڙائي ۾ ئي هن پنهنجو پهريون سول ڊبيو گيت ڀارتي راڳي ڪُننگو سان گڏ” آيا نه تو“ ڳايو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے