18 اتوار , نومبر 2018

رنبير ڪپور بزرگ شخص جو روپ ڇو اختيار ڪيو؟

Why did Ranbir Kapoor become a senior person?ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي چاڪيلٽي هيرو رنبير ڪپور فلم” سنجو“ ۾  ته پنهنجي منفرد لُڪس ۽ اداڪاري سان سڀني کي حيران ڪيو ئي هو پر هاڻ سندس هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي. رنبير ڪپور نئين تصوير ۾ هڪ بزرگ شخص جو روپ اختيار ڪيو آهي، جنهن کي ڏسي اڳ ڪٿي ڪئي وئي ته شايد هو ايندڙ فلم ۾ هڪ بزرگ شخص جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پر توهان کي ان حوالي سان آگاهه ڪندا هلون ته  رنبير ڪپور اهو روپ ڪنهن فلم بجاءِ  ڀارتي اشتهار لاءِ  اختيار ڪيوآهي جنهن هو وڏي عمر وارو سليز مين بڻيو آهي. رنبير ڪپور اڄ ڪلهه پنهنجي فلم” براهم سترا“ جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي جنهن جي ٻي ڪاسٽ ۾ عاليا ڀٽ ۽ اميتاڀ بچن پڻ شامل آهن. رنبير ڪپور عاليا ڀٽ جي حوالي سان پڻ اڄ ڪلهه خبرن ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے