17 ہفتہ , نومبر 2018

ايپل ڪارپوريشن جي شريڪ باني اسٽيو جابز تي  سندس ڌيءَ جا سخت الزام

Sharp allegations of her daughter at the Partner Steve Jobs of Apple Corporationنيويارڪ(ويب ڊيسڪ) دنياجي پهرين درجي جي ٽيڪنالوجي ڪمپني”ايپل ڪارپوريشن“ جي شريڪ باني ۽ اڳوڻي سي سي او اسٽيو جابز جي ڌيءَ ليزا برينن جابز پنهنجي پيءُ تي خودغرضي جو الزام لڳايو آهي. اسٽيو جابز جي ڌي ليزا برينن جابز آمريڪا جي مشهور لکيڪا آهي، ويجهڙائي ۾ سندس ڪتاب” اسمال فرائي“ منظرعام تي آيو آهي جنهن هن پنهنجي والد بابت ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا آهن. ليزا ڪتاب ۾ لکيو آهي ته منهنجي پيدائش جي ٻن سالن بعد والد مونکي قبول نه ڪيو هو ۽ منهنجي پيدائش جي ٻن ورهين تائين هو ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو ته مان هن جي ڌي آهيان، اها منهنجي زندگي جي مشڪل ترين شروعات هئي . ليزا جي ڪتاب مان ورتل هڪ باب موجب سندس پيدائش بعد هن جي امڙ ڪرسين گهرن ۽ هوٽلن ۾ ڪم ڪري سندس پروش ڪئي پر سندس والد سندن ڪا به مدد نه ڪئي. آخرڪار ٻن سالن بعد اسٽيو جابز سندن خرچ لاءِ رقم ڏيڻ شروع ڪئي پر تڏهن به هو رحمدلي نه ڏيکاريندو هو.  ليزا لکيو آهي ته منهنجي والد کيس پنهنجو مڃڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو هو، سندس چوڻ هو ته مان ڪنهن ٻئي جي ڌي آهيان ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ بعد رپورٽ جا نتيجا 94 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين ميچ ٿيا جنهن بعد اهو واضح ٿي ويو ته اسٽيو جابز ئي منهنجو پيءُ آهي.  رپورٽ جا نتيجا منظر عام تي اچڻ بعد اسٽيو جابز مونکي هر مهيني خر لاءِ 385 آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو پابند ٿيو، جنهن بعد اها رقم وڌي 500 ڊالرن تائين وڃي پهتي، هو مونکي اهي پيسا ان وقت تائين ڏيڻ جو پابند هو جيستائين مان 18 ورهين جي نٿي ٿيان.  ليزا وڌيڪ ڏک سان ڀرپور ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته هو جڏهن ستن ورهين جي هئي ته ان وقت تائين هوءَ ۽ سندس امڙ ڪرائي جا 13 گهر تبديل ڪري چڪا هئا، منهنجو پيءُ مهيني ۾ هڪ ڀيرو اسان ملڻ ايندو هو، هڪ ڀيري هو جڏهن اسان ملڻ آيو ته مان کائنس چيو ته ڇا مان هڪ دفعو توهان جي ڪار تي سفر ڪري سگهان ٿي جنهن تي هن انتائي سخت انداز ۾ چيو ته بلڪل نه جنهن بعد مونکي محسوس ٿيو ته مونکان غلطي ٿي وئي، مونکي هن مان ڪجهه ڪو نه ورندو، ليزا وڌيڪ لکيو آهي ته اڄ به منهنجي پيءُ جي ٻي فيملي سان ڇڪتاڻ وارا تعلقات آهن.واضح  رهي ته اسٽيو جابز”ايپل ڪارپوريشن“ جو شريڪ باني هو جيڪا اڄ ڪلهه پنهنجي آءِ فون، آءِ پيڊ ۽ اهڙي طرح ٻين ٽينالوجي وارين شيون ٺاهڻ ۾ عالمي شهرت رکي ٿي. اسٽيو جابز جي ذاتي اثاثن جي ماليت 2011 ۾ 10 ڏهائي 2 ارب ڊالرن هئي، اڄ ايپل ڪارپوريشن جي اثاثن جي ماليت ڏهه کرب ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

18-year boy abducted, killed in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے