14 بدھ , نومبر 2018

ووگ ۾ شاهه رخ خان جي ڌيءَ جي تصوير تي تنقيد

On the picture of Shahrukh Khan's daughter in Vogueممبئي(شوبز نيوز) فيشن ميگزين ووگ جي ڀارتي ايڊيشن جي ٽائٽل تي باليووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي 18 ورهين جي نياڻي جي تصوير شائع ڪئي وئي آهي ۽ ان فيصلي تي ڀارت ۾ سخت تنقيد ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي واهپيدارن سوهانا خان جي تصوير تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو ان لاءِ اهل ناهي ڇو جو هتي پهچڻ لاءِ هن ڪجهه حاصل ناهي ڪيو. فيشن جي دنيا جي مشهور ميگزين ووگ جي ٽائٽل تي عام طور تي مشهور ماڊلن، اداڪارائن ۽ انهن راڳين جون تصويرون هونديو آهن ته جيڪي پنهنجي ڪيريئر تي عروج تي هوندا آهن. سوهانا خان پنهنجو تعارف شاگردياڻي، ٿيٽر کي پسند ڪندڙ ۽ مستبقل جي اسٽار تي ڪرايو آهي. سندس والد شاهه رخ خان کي باليووڊ جو ڪنگ سڏيو ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي واهپيدارن جو اهو چوڻ آهي ته اقربا پروري سندس تصوير ووگ جي ٽائٽل جي زينت بڻي آهي. سوهانا علي خان جو فيشن شوٽ به ووگ فيشن ڊائريڪٽر انيتا شيروف ڪيو آهي جيڪا شاهه رخ خان جي تمام پراڻي دوست آهي. هي سوهانا جو پهريون فوٽو شوٽ انٽرويو هو. ميگزين جي انسٽاگرام پوسٽ ۾ سندس تعارف نئين ڇوڪري طور ڪرايو ويو آهي ۽ ان پوسٽ کي 36 هزار کان وڌيڪ واهپيدارن لائيڪ ڪيو آهي. ناراضگي ۽ ناپسندگي تي ٻڌل ٽوئيٽ ڪندڙن ۾ اهڙيون اداڪارائون شامل آهن جيڪي ان شعبي ۾ نالو ٺاهڻ واري جدوجهد ۾ مصروف آهن. سوهانا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ منفي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته مان پنهنجو پاڻ کي بار بار اهو سمجائيندي آهيان ته نفرت ڪندڙ نفرت ڪندا پر مان اهو نٿي چئي سگهان ته مونکي اهو خراب لڳندو آهي. هن چيو ته تمام گهڻو خراب لڳندو آهي پر مان پنهنجو پاڻ کي سمجهائندي آهيان ته ٻيا ماڻهو وڌيڪ وڏن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ووگ ميگيزن ۾ شائع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ شاهه رخ خان چيو آهي هو پنهنجي ٻارن کي پنهنجي طريقي سان زندگي ڪاميابي حاصل ڪندي ڏسڻ چاهي ٿو. جتي سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي واهپيدارن ووگ ميگزين جي شماري ۽ سوهانا تي تنقيد ڪئي اتي ئي ڪجهه ماڻهن سندس حق ۾ پڻ ڳالهايو، ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته سوهانا لاءِ سڌو سنئو نفرت جو اظهار ڪرڻ غلط آهي، شوٽ جي فوٽوگرافر جو چوڻ آهي ته سندس خيال ۾ سوهانا جو مستقبل روشن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دپيڪا رنوير جي شادي ۾ موبائل فون جي استعمال تي پابندي جو سبب سامهون اچي ويو

روم(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي خوبصورت جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شادي جي تقريب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے