16 جمعہ , نومبر 2018

جديد دور جا فائدا، هڪ ڪار ٻه مزا

The benefits of modern era, one car two funڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪار ۾ ڪرتب ڏيکارڻ حادثي جو سبب بڻبو آهي پر جيڪڏهن ڪا ڪار سواري سان گڏوگڏ جولهي جا مزا پڻ ڏئي ته ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. بيلجيئم سان واسطو رکندڙ ملو نالي نوجوان پنهنجي 8 ورهين جو خواب پورو ڪندو هڪ اهڙي ڪار تيار ڪئي آهي جيڪا روڊ تي هلڻ سان گڏ فلپ يعني قلابازي پڻ کائيندي آهي. رول گولف نالي اها ڪار چئن ڦيٿن تي ٻڌل آهي ۽ ان ٻن ڄڻن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. ڪار جڏهن تيز رفتار اونڌي ٿي وڃي ته گهٻرائڻ ڪا به ڳالهه ناهي ۽ نه ئي خطري جي ڇو جو ان جي ڦيٿن سان لاڳاپيل مٿي تائين ويندڙ راڊ ان کي محفوظ رکندي.  يعني ڪار اونڌي ٿيڻ جي صورت ۾ جهولي جهڙي بڻجي ويندي پر ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻو پوندو ته سيٽ بيلٽ ضرور لڳل هجي. رول گولف کي نوجوانن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي رهي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ جي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي قيمت سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور سمارٽ فون جي ڪمپني  سام سنگ گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے