16 جمعہ , نومبر 2018

برطانيا ۾ لڪل ڪرپشن واري رقم واپس آڻينداسين: عمران خان

Return to the currency of the UK in the UK. Imran Khanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪري برطانيا ۾ لڪل دولت واپس وطن آڻيندو. برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ملاقات ڪئي جنهن ۾ مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا موڪليل دولت ۽ برطانوي امداد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عمران خان برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ۾ مني لانڊرنگ بابت جاچ ۽ ٻي ڪاروائي لاءِ هن وقت تائين درخواست ناهي ڏني. برطانوي ميڊيا موجب عمران خان برٽش هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ۾ چيو ته هو پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪري برطانيا ۾ لڪل دولت واپس وطن آڻيندو. رپورٽن موجب برطانيا مني لانڊرنگ تي نئين پاڪستاني حڪومت سان گڏ ڪم جاري رکڻ جو بيان ڏنو آهي ۽ برطانوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرپشن خلاف جنگ برطانوي حڪومت اولين ترجيح آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے