15 جمعرات , نومبر 2018

پنجاب ۾ اسان ئي حڪومت ٺاهينداسين: راڻا ثناءَ الله جي دعويٰ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله دعويٰ ڪئي آهي ته 13 نوان چونڊيل صوبائي اسمبلي جا ميمبر اسان سان گڏ آهن ۽ پنجاب ۾ حڪومت اسان ئي ٺاهينداسين. عام چونڊن بعد ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. تحريڪ انصاف جي طرفان آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪرڻ بعد صوبائي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت حاصل هئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر هاڻ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله  پڻ پنجاب حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت حاصل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.  نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته صوبائي اسمبلي جا 13 نوان چونڊيل ميمبر اسان گڏ آهن ۽ پيپلز پارٽي به اسان کي پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ ووٽ ڏيندي انڪري صوبي ۾ حڪومت اسان ئي ٺاهينداسين. هن جو چوڻ هو ته 130 سيٽن تي اسان ڪاميابي ماڻي آهي ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 18 ميمبرن جي ضرورت آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جا 6 ۽ 13 آزاد ميمبر ملڻ بعد اسان جي حڪومت پنجاب ۾ ٺهي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ نواز کي پنجاب اسمبلي ۾ گهربل ميمبر ملڻ جي صورت ۾ حمزا شهباز کي قائد ايوان بڻائڻ جا امڪان آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جيڪڏهن ن ليگ پنجاب ۾ حڪومت بڻائڻ ۾ ناڪام ٿي ته سعد رفيق کي مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے