20 منگل , نومبر 2018

نيوز: قمبر : چونڊ ڊيوٽي دوران ليڊي هيلٿ ورڪر جي فوتگي، وارثن پاران جاچ جو مطالبو

Qambar: The footprint of the Lady Health Worker, during the election campaign, sought by the heirs*عام چونڊن واري ڏينهن قمبر شهر ۾ڊيوٽي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيل ليڊي هيلٿ ورڪر جي وارثن فوتگي واري واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ليڊي هيلٿ ورڪر شاهده شيخ جي فوتگي وارو معاملو هن وقت تائين پراسرار بڻيل آهي.

25 جولاءِ تي چونڊن واري ڏينهن ڳوٺ نور احمد شيخ جي رهواسڻ ليڊي هيلٿ ورڪر شاهده شيخ نصير آباد ويجھو ڳوٺ ڏيرا جي پولنگ اسٽيشن تي ان وقت سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳو جڏهن پولنگ عملي سان گڏ ڊيوٽي تي موجود هئي.

ليڊي هيلٿ ورڪر جو ڊيوٽي دوران ساهه ٻوساٽجڻ لڳو ۽ هو بيهوش ٿي پولنگ اسٽيشن تي ئي ڪري پئي.

شاهده شيخ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪجھه عرصو اڳ پوليو جي ڊيوٽيءَ دوران ايڪسيڊنٽ ٿيو هو جنهن جي ڳاٽهڙي ڀڄي پئي هئي ۽ بعد ۾ کيس ساهه جي بيماري سان گڏ اکين جي بيماري ۾ مبتلا هئي.

ليڊي هيلٿ ورڪر جي فوت ٿيڻ تي سندس وارث عورتن اي آر او پاران ڊيوٽي لڳائڻ تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا اسان کيس منٿون ڪيون پر هن اسان جي هڪ به نه ٻڌي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪر شاهده شيخ جي پولنگ اسٽيشن تي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ ڪرائي ڊيوٽي هڻندڙ عملي کي موت جو ذميوار قرار ڏئي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ امداد بابت معاهدو

پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ امداد بابت معاهدو طئي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے