23 منگل , اکتوبر 2018

وفاقي سرڪار، ايم ڪيو ايم ۽ ڪراچي

ڪراچيءَ جي سياست ائين تبديل ٿيندي رهي آهي، يا تبديل ڪئي ويندي رهي آهي، جيئن نانگ کَلَ مٽائيندو آهي، ڌرتيءَ ڌڻين کي شهر جي معاملن ۽ عام ڪاروهنوار کان پري رکڻ لاءِ هيءُ شهر ڪڏهن ڪنهن جي ته ڪڏهن ڪنهن جي حوالي ٿيندو يا ڪيو ويندو رهيو آهي، جنهن جو نتيجو جيڪو هن وقت تائين نڪتو آهي، سو سڀني جي سامهون آهي.

هيءُ شهر جيڪو ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ جو هڪ غريب پرور پُرامن شهر هو، جتي مذهبي هم آهنگي به هئي ته شهرين ۾ ڪنهن به نفرت ۽ بغض کان هٽي ڪري شهر کي اڏڻ، تعمير ڪرڻ ۽ خوبصورت بڻائڻ جو جذبو به، هيءَ اها ڪراچي هئي، جتي ڌرتي ڌڻين جي آبادي 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ هئي، نه ته مذهبي نفرت هئي ۽ نه ئي وري لساني نفرت، نه ئي وري ڌرتي ڌڻين لاءِ ائين دل ۾ پليتائي، جيئن اڄڪلهه ڏٺي پئي وڃي.

نه رڳو ايترو پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ به هيءُ شهر روشنين جي شهر طور ڏيهان ڏيهه مشهور هو، پر جيئن جيئن هڪ منظم رٿابنديءَ تحت هن شهر ۾ برادريءَ جو توازن بگاڙي، ڌرتيءَ ڌڻين کي ڪنڊائتو ڪري انهن جي جاءِ تي وڻ وڻ جي ڪاٺي طور هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيل يا آڻي گڏ ڪيلن کي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو، شهر جا معاملا هلائڻ لاءِ خودمختيار ڪري ڇوٽ ڇڏيو ويو ته پوءِ هيءُ شهر آهستي آهستي روشنين جي شهر واري سڃاڻپ وڃائيندو ويو ۽ ان جي جاءِ مذهبي نفرت، فرقيوار فسادن، لساني فسادن، مطلب ته انسان جي انسان کان نفرت جي روش اچي جڳهه والاري، هيءُ شهر انسانن جو اهڙو جَهنگُ بڻجي ويو، جتي ڏينهن هجي يا رات هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ويندي به ماڻهو ڊڄندا هئا.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هيءُ شهر مذهبي جماعتن جي اثر هيٺ رهيو، ۽ سياسي طرح به مولانا شاهه احمد نورانيءَ جي جماعت جمعيت علماءِ پاڪستان (جي يو پي) ۽ جماعت اسلامي ڪامياب ٿينديون رهيون. اڳتي هلي 70ع جي ڏهاڪي ۾، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت واري دور ۾ ٻوليءَ جو مسئلو ڇڙيو، ۽ ان کي بهانو بڻائي شهر ۾ ٻوليءَ جي بنياد تي فساد ٿيا، ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ کانپوءِ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي رياستي سطح کان علاوه گهر اندر به منهن ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم نالي تنظيم جو بنياد پيو.

ضياءُ الحق واري آمريتي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي قيام کان ويندي 2013ع تائين هيءُ شهر ايم ڪيو ايم جي اثر هيٺ رهيو، اڃا به ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ايم ڪيو ايم وٽ يرغمال رهيو، هڙتالون، قتل و غارت، دهشتگردي، سياسي مخالفت، ايتري قدر جو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي چونڊي چونڊي مارڻ، ڊرل مشين جي سوراخن جهڙيون اذيتون ڏئي، ٻوريءَ ۾ بند ڪري لاش اڇلڻ، مطلب ته اهڙو پرتشدد ماحول، جنهن شهر جي چئني ڏسائن جو ساهه مُٺِ ۾ ڪري ڇڏيو هو، سو هن شهر جي سڃاڻپ بڻيو.

ڪراچيءَ ۾ امن جي قيام لاءِ جيڪي به آپريشن ٿيا، سي ماضيءَ ۾ وقتي طور امن جي قيام جو سبب ته بڻيا پر شهر ۾ دائمي امن جي قيام ۾ ناڪام ثابت ٿيا. شهر ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، تنهن جو ملڪي معيشت تي ته خطرناڪ اثر پئجي ئي پئجي رهيو هو پر شهر اندر انساني زندگيون به ٽياس تي ٽنگيل هيون. آخر 5 سيپٽمبر 2013ع تي ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت اتفاق راءِ سان ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوريءَ ۽ اغوا جي وارداتن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو تنهن کان ان ڪري به ايم ڪيو ايم کي آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهجي جو شهر تي ڏهاڪن کان ان جو سياسي ڪنٽرول هو. ان جي ڪري ڪوفت جو جيڪو ماحول پيدا ٿيو هو سو ٽارگيٽ آپريشن کانپوءِ ختم ٿيو.

سو ائين چئجي سگهجي ٿو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ 25 جولاءِ 2018ع تي شهر اندر جيڪي عام چونڊون ٿيون، سي انتهائي پرامن ماحول ۾ ٿيون، سڀني سياسي جماعتن پنهنجا اميدوار بيهاريا، سڀني مهم به هلائي، ڪٿي به ڪا نوگو ايريا نظر نه آئي، چونڊن جي آيل نتيجن تي ڪجهه سوال ضرور اٿيا آهن پر انهن نتيجن ايم ڪيو ايم مان شهر جي بيزاري ظاهر ڪئي آهي. شهرين ايم ڪيو ايم مان جند ڇڏائڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو. اها پاڪستان تحريڪ انصاف، جنهن جو سربراهه عمران خان ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم سڏيندو رهيو آهي ۽ شهرين جي ان تنظيم مان جند ڇڏائڻ جا وڏي واڪي اعلان به ڪندو رهيو آهي، اهو ئي عمران خان اڄ اقتدار جي مجبوريءَ سبب ان ئي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري ان کي حڪومت ۾ شامل ڪري رهيو آهي.

حڪومت ٺاهڻ هر ان جماعت جو حق آهي، جنهن کي ايوان ۾ اڪثريت حاصل هجي، کُٽل ميمبر پورا ڪرڻ لاءِ اتحاد ڳولڻ به اڪثريتي جماعت جو حق آهي پر سنڌ جي ماڻهن جي عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿيندڙ وفاقي سرڪار کي بس رڳو اها گذارش آهي ته اقتدار جي شوق ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي امن جي ڪا سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي، شهر وري ڪنهن نه ڪنهن جماعت هٿان يرغمال نه ٿيڻ گهرجي، سياست هر ڪنهن جو بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق آهي، پر سياست جي آڙ ۾ هن شهر جي ماڻهن کي بندوق جي زور تي يرغمال بڻائڻ جي روايت هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.

ڇنڇر 4 آگسٽ 2018ع، 21  ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے