14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نصيرآباد ۾ عوامي ورڪر پارٽي طرفان سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

Nasirabad: Protest against water shortage*نصيرآباد ۾ عوامي ورڪر پارٽي طرفان ڊئمن جي تعمير جو جواز پيدا ڪري سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو،

سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف  نصيرآبا ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ سينگار نوناري ، سليمان ڪانڌڙو، اظھر منگي،برڪت باغي، ۽ مصطفي نوناري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

احتجاجي مظاهري ۾ اڳواڻن جو چوڻ هيو ته، سنڌ جي سر سبز زمين کي بنجر بڻائڻ ۽ ڊئمن جي تعمير جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ  سنڌ اندر هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي. جنهن سبب سنڌ جا فصل، ماڻهو ۽ جانور پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو ته  هينئر به تعلقي وارھ ۽ نصيرآباد جون 50 سيڪڙو زمينون غيرآباد رهڻ جو خدشو آهي.  هڪ طرف ارسا ۽ ٻيا ادارا بدنيتي جي بنياد تي سنڌ سڪائڻ لئه سازشون ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي تازو ئي( پراڻا ۽ نوان )چونڊيل نمائندا سنڌ دشمن پاليسين تي اکيون، ڪن ۽ زبان بند ڪري پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته  اسين اهڙي ظلم خلاف سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾  عوام وٽ وينداسين ۽ چونڊيل نمائندن، ارسا ۽ ٻين سنڌ دشمن ادارن کي سنڌ سڪائڻ نه ڏينداسين……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے