16 اتوار , دسمبر 2018

اين اي 131 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 131 لاهور ۾ خواجه سعد رفيق جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اين اي 131 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سعد رفيق طرفان اعظم نذير تارڙ ۽ عمران خان طرفان بابر اعوان پيش ٿيا. سعد رفيق جي وڪيل اعظم نذير تارڙ دليل ڏيندي چيو ته منهنجي اصيل آر او کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست ڏني پر رد ڪئي وئي جڏهن ته رد ٿيل ووٽن جي ڳڻپ مان ثابت ٿيو ته بيقاعدگيون ٿيون آهن. عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿي چڪي آهي، 30 تاريخ مڪمل نتيجا ڏيڻ جي هئي.سعد رفيق جي وڪيل چيو ته اسان ٿيلهن جو نتيجو گهري رهيا آهيون. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد خواجه سعد رفيق  جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے