20 منگل , نومبر 2018

خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اميدوار نامزد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر موجب خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي ۽ هو اپوزيشن پارٽين طرفان اميدوار هوندو. اپوزيشن پارٽين اسپيڪر جو عهدو پ پ کي ڏنو هو ۽ بلاول ڀٽو زرداري صلاح مشوري کانپوءِ خورشيد شاهه جي نالي جي منظوري ڏني آهي. خورشيد شاهه سکر مان ايم اين اي چونڊيو ويو آهي ۽ گذريل حڪومتي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے