22 جمعرات , نومبر 2018

نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا

Ghotki: Road Accident between Motor cycle and other vehicle, 3 people with girl child died

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ سمورن اميدوارن چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب سمورن اميدوارن چونڊ خرچ جا انگ اکر مقرر حد اندر ڏنا، جنرل سيٽن تي ڪامياب اميدوارن 10 کان 36 لک رپين تائين چونڊ خرچ ظاهر ڪيا، قومي اسيمبلي لاءِ 40 لک ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ 20 لک رپيا خرچ جي اجازت ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل گوشوارن موجب شهباز شريف چونڊ مهم دوران 19 لک 34 هزار 747 رپيا ۽ حمزا شهباز ساڍا 17 لک رپيا خرچ ڪيا. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چونڊ مهم تي 38 لک 11 هزار 750 رپيا خرچ ڪيا، شفقت محمود چونڊ خرچن جي مد ۾ 38 لک 90 هزار رپيا خرچ ڪيا، ملڪ محمد رياض ساڍا 11 لک، حماد اظهر 36 لک 53 هزار، جڏهن ته ڪرامت علي کوکر ساڍا 34 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو. اليڪشن ڪميشن موجب مخصوص سيٽن جي ڪيترن ئي اميدوارن جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ هڪ رپيو به خرچ نه ٿيو. نون چونڊيل اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ آزاد اميدوارن کي 3 ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو بڻجڻو پوندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 7 آگسٽ تائين سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن جو مڪمل انگ واضح ٿي ويندو ۽ 8 آگسٽ تي مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، 9 آگسٽ تي سمورن ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندا، جنهن کانپوءِ اسيمبلين جا اجلاس گهرايا ويندا ۽ قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ ميمبر حلف کڻڻ کانپوءِ اسپيڪر ۽ پوءِ وزيراعظم جي چونڊ ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے