20 منگل , نومبر 2018

فيس بڪ ننڍي عمر جي صارفن لاءِ ڊجيٽل لائبريري پيش ڪري ڇڏي

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) فيس بڪ ننڍي عمر جي صارفن لاءِ مفت ڊجيٽل لائبريري قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ انٽرنيٽ سيڪيورٽي، انٽر نيٽ پرائيويسي ۽ فيس بڪ تي صحتمداڻي دوستي ۽ رابطن جا سبق ۽ ويڊيوز رکيون ويون آهن. پهرين مرحلي ۾ 18 سبق انگريزي ۾ موجود آهن جن کي جلد ئي دنيا جي 45 مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو. ان کي فيس بڪ جي ” يڊجيٽل لٽريسي لائبريري“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پر حيرت جوڳي طور تي ان ۾ ڪوڙين خبرن ۽ افواهه جي تدارڪ لاءِ ڪا به اڳواڻي شامل ناهي ڪئي وئي جنهن جي تحت فيس بڪ تي روسي پروپيگنڊه ڪري 2016ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن تي اثر وڌو ويو هو.  فيس بڪ ان نئين سهولت سان ننڍي عمر جي صارفن کي انٽرنيٽ جو استعمال ذميواري سان سيکارڻ چاهي ٿو. فيس بڪ چيو آهي ته ان لائبريري جو مقصد سڄي دنيا ۾ موجود 83 ڪروڙ ننڍي عمر جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ڊجيٽل خواندگي، ان کي اصول ۽ حفاظتي بندوبست بابت آگاهه ڪرڻ آهي. لائبريري جي سبق ۾ سوشل ميڊيا جي خوفناڪ عادت، آن لائن بدتميزي، پرائيويسي ۽ آن لائن سيڪيورٽي جهڙن معاملن تي رهنمائي ڏني وئي آهي. فيس بڪ هارورڊ يونيورسٽي ۾ موجود برڪمان ڪلائن سينٽر جي ٽيم جي مدد سان اها ڊيجيٽل لائبريري بڻائي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ جو ”آن سيوو چيٽ“ کي گوگل ڊرائيو مان ختم ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)پيغام جي رسائي جي مشهور ترين ايپليڪيشن واٽس ايپ تصديق ڪئي آهي ته غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے