18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ 100 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ اسيمبلي جي  ميمبرن  جي پگهارن ۽ مراعتن ۾  100 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. نگران سرڪار اڳوڻي سنڌ حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪندي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ  جو فيصلو ڪيو آهي. دستاويزن موجب پگهارن ۽ الائونسز ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ميمبرن کي  هر مهيني ڏيڍ لک رپين کان وڌيڪ پگهار ملندي. ميمبرن کي 50 هزار پگهار ۽ هڪ لک 5 هزار رپيا الائونس طور ملندا. دستاويز موجب  هر چونڊيل ايم پي اي کي 45 هزار هائوس رينٽ، 10 هزار موبائل بيلنس ۽ خرچ الائونس، 15 هزار آفيس مينٽينس، گئس ۽ بجلي جي مد ۾ به پئسا ملندا. اسيمبلي ميمبرن کي سفري الائونس جي مد ۾ 2 لک رپيا ملندا، جڏهن ته هر سال ڏيڍ لک رپيا ڪيش الائونس جي مد ۾ ملندا. اڳوڻي سنڌ حڪومت ميمبرن جي پگهار ۾ واڌ ڪئي هئي پر پ پ  ڪو چيئرمين جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايت تي ان تي عمل روڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے