18 اتوار , نومبر 2018

وزن گهٽ ڪرڻ سان شگر ٽائپ ٽو جو خاتمو ممڪن

لنڊن(ويب ڊيسڪ) هڪ نئين سروي مان انڪشاف ٿيو آهي ته وزن گهٽ ڪرڻ سان ذيابيطس ( شگر) ٽائپ ٽو کي روڪي سگهجي ٿو، ماهرن ان انڪشاف بعد سڄي معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ٽائپ ون شگر ۾ لبلبو انسولين ناهي ٺاهي سگهندو ۽ ان ڪري انسولين جي لاءِ ٽُڪا لڳرائڻا پوندا آهن، ٻئي پاسي شگر جو معاملو سڄي زندگي جو هوندو آهي پر سائنسي طبي رسالي لينسٽ ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب وزن گهٽ ڪرڻ سان ٽائپ ٽو شگر جو خاتمو ممڪن آهي پر اهو خاتمو وقتي ۽ هميشه جي لاءِ به روڪي سگهجي ٿو.  ٽائپ ٽو شگر جي لاءِ شروع ڪيل سروي ” دي ڊائبيٽس ريميشن ڪلينڪل ٽرائل (ڊائريڪٽ)“ جي پڄاڻي تي خبر پئي ته جن ماڻهن ان لاءِ پنهنجو وزن گهٽ ڪيو هو انهن جي شگر پاڙان پٽجي وئي ۽ سروي جي آخر تائين ان ۾ مرض جا ڪي به اثاثا نه ڏٺا. چيو ويندو آهي ٽه شگر ٽائپ ٽو سڄي زندگي رهندي آهي پر نئين سروي مان خبر پئي آهي ته زندگي جو معمول ۽ خوراڪ اهڙا هٿيار آهن جيڪي شگر ٽائپ ٽو کي ختم ڪري سگهن ٿا. اهائي ڳالهه نيو ڪاسل يونيورسٽي  جي سائنسدان رائي ٽيلر ۽ سندس ساٿين ڪئي آهي جيڪو  ڊائريڪٽر طور مطالعو ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے