20 منگل , نومبر 2018

اين اي 131: عمران خان جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 تان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اين اي 131 تي عمران خان ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق کي 680 ووٽن جي فرق سان شڪست ڏني هئي. خواجا سعد رفيق تحريڪ انصاف سربراهه جي ڪاميابي کي چئلينج ڪندي آر او کان رد ٿيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن ۾ به عمران خان جي ڪاميابي برقرار رهي پر سندس فتح جو مارجن گهٽجي 608 ٿي ويو. پوءِ سعد رفيق آر او کان سڄو تڪ کولڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ آر او جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل اڄ سعد رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 131 ۾ عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے