14 بدھ , نومبر 2018

چلاس: پوليس جو ٽارگيٽڊ آپريشن، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو

challas: A policeman killed a terrorist operation and shot deadچلاس(ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير جي علائقي داريل ۽ تانگير سميت چلاس ۾ پوليس جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير ۾ تعليمي ادارن کي نقصان پهچائڻ جو چيف جسٽس آف پاڪستان نوٽيس وٺندي گلگت بلتستان جي آءِ جي ثناءَ الله عباسي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي. پوليس موجب ضلعي ديامير جي علائقي چلاس، درايل ۽ تانگير ۾ آپريشن جاري آهي، ان دوران علائقي ۾ مڪمل ناڪابندي آهي، اچ وڃ وارن رستن کي بند ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته تانگير ۾ آپريشن دوران پوليس ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڪاروائي دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا. گلگت بلتستان جي آءِ جي ثناءَ الله عباسي موجب آپريشن ديامير ۾ اسڪول ساڙيندڙ دهشتگرد افغانستان مان تربيت يافته آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے