15 جمعرات , نومبر 2018

ڪوهاٽ: سماري ٽريفڪ حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو

Kawat: The number of thumbnails increased in the Sameari traffic accidentڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) سماري ويجهو انڊس هاءِ وي وٽ مسافر بس ۽ آئل ٽينڪر جي حادثي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو.  گذريل ڏينهن مسافر بس بونير کان ڪراچي وڃي رهي هئي جنهن جو  سماري ويجهو انڊس هاءِ وي تي آئل ٽينڪر سان ٽڪر ٿي ويو، حادثي ۾ شروعاتي طور 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو . ريسڪيو ذريعن موجب حادثي واري هنڌ تي آپريشن جاري آهي ۽ آئل ٽينڪر جي هيٺان وڌيڪ 2 لاش ڪڍي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا جڏهن ٻين لاشن کي مالاڪنڊ جي مخلتف علائقن ۾ منتقل ڪيا ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته  حادثي ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي جن مان 18 مڙهه مالاڪنڊ جي مختلف علائقن ۾ سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے