14 بدھ , نومبر 2018

ويڊيو ٺاهڻ تان دپيڪا ۽ رنوير جي عورت مداح سان بدسلوڪي

The woman of Pica and Ranvirer abused her fans since making a videoممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي من موهڻي اداڪارا دپيڪا پڊڪون ۽ اداڪار رنوير سنگهه ويڊيو ٺاهڻ تي عورت مداح تي ڪڙڪي پيا. دپيڪا  ۽ رنوير سنگهه آمريڪي رياست فلوريڊا جي دوري تي آهن جتي هو سير سفر جا مزا ماڻي رهيا آهن. ان دوران ٻنهي ڊزني ورلڊ پارڪ جو به سير ڪيو جتي هڪ مداح زينب سندن ويڊيو ٺاهي جنهن تي دپيڪا اچي ويڊيو کي بند ڪري ڇڏيو. انسٽاگرام تي ويڊيو پوسٽ ڪندي زينب نالي عورت لکيو ته ٻنهي ساڻس تمام خراب ورتاءُ ڪيو. جڏهن ڪجهه مداحن تبصرو ڪيو ته ٻنهي جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي هو هن وقت موڪل تي آهن. زينب خان منفي تبصري جي جواب ۾ سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي وضاحت پيش ڪندي چيو ته هو ٻنهي جي تمام وڏي مداح هئي پر انهن سان ڀوائتي ملاقات بعد موٽ ڪي به لفظ ناهن. هن ٻڌايو ته جڏهن دپيڪا مون ڏانهن مسڪرائندي وڌي ته مان سوچو ته هو واقعي تصوير لاءِ اچي رهي آهي پر پوءِ اچتو رنوير سنگهه آيو ۽ مون مٿان ڪڙڪي پيو. زينب خان جو چوڻ هو ته ٻنهي جي بداخلاقي جي ويڊيو ۾ مان نه ٺاهي سگهيس ڇو ته هو بلڪل منهنجي منهن اڳيان رڙيون ڪري رهيا هئا ۽ ان وقت مان ڪنفيوز ٿي وئي هيس. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو نظرن ۾ ٻنهي جا ڪا به عزت ناهي رهي ۽ هاڻ مونکي احساس ٿي ويو آهي ته ڪيتري ڪوڙي صورت پيش ڪئي ويندي آهي. جنهن بعد ڪجهه مداحن زينب جي حمايت ڪندي تبصرا ڪيا ته ٻنهي کي اهڙي خراب ريوي سان پيش نه اچڻ گهرجي ها جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ٻئي ڄڻا ڪو شهزادو هيري ۽ ميگهن مارڪل ناهن. واضح رهي ته دپيڪا ۽ رنوير سنگهه  هڪ ٻئي جا ويجها دوست آهن ۽ ٻئي هلندڙ سال نومبر ۾ اٽلي ۾ شادي ڪرڻ وارا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

“ٺگس آف هندوستان” مداحن کي متاثر ڪرڻ ۾  ناڪام

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن جي فلم” ٺگس آف هندوستان” مداحن کي متاثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے