19 پیر , نومبر 2018

نيوز |ڏهرڪي: الفتاح ٽرسٽ جي آفيس جي افتتاحي تقريب

Daharki,  inauguration ceremonyڏهرڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي  چيئرمين  ڄام عبدافتاح سميجو پاران قائم ڪيل الفتاح ٽرسٽ جي آفيس جي افتتاحي تقريب ڏهرڪي ۾ ٿي.

جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

افتتاحي تقريب دوران ٽرسٽ جي سرواڻ وڪيل ڄام عبدالفتاح سميجو پاران شهر واسين لاءِ فري ايمبولنس سروس ۽ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي مريضن جو مفت علاج ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو .

سماج سڌارڪ ڄام عبدالفتاح سميجو  شھر واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي حوالي سان آر او پلانٽ پڻ لڳائڻ جو اعلان ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي الفتاح ٽرسٽ جي سرواڻ وڪيل ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته مون پنهنجي چونڊ مهم دوران تڪ واسين سان جيڪو واعدو ڪيو اهو اڄ پورو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته الفتاح ٽرسٽ جي آفيس 24 ڪلاڪ کليل رهندي. جتي ايمرجنسي ۾ رابطو ڪندڙ مريضن کي مفت ايمبولنس سروس مهيا ڪئي ويندي.

تقريب کي هندو پئنچائت جي مکي ڊاڪٽر شيوڪ رام، حاجي پير بخش ڀٽي، ڀورا رام توگا، وڪيل سليم اختر ملڪ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر الطاف سومرو، شنڪر لعل تلريجا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے