15 جمعرات , نومبر 2018

داريل ۾ سيشن جج جي ڪار تي شرپسندن جي فائرنگ، جج محفوظ

Safe firing, safe on the sessions judge's car in Darlديامير(ويب ڊيسڪ) داريل ۾ شرپسندن سيشن جج جي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جج ۽ سندس خاندان محفوظ رهيو. نجي ٽي وي چينل موجب گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير جي علائقي داريل ۾ مقامي عدالت جي سيشن جج ملڪ عنايت پنهنجي خاندان سان گڏ ڪار ۾ سوار هو ته سندس تاڙ ۾ بيٺل جوبدارن سندس ڪار جي ٻنهي پاسن کان فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ سيشن جج ملڪ عنايت ۽ سندس خاندان محفوظ رهيو. پوليس جو چوڻ آهي ته سيشن جج گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ديامير ۾ شرپسندن ڇوڪرين جي اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي هئي جنهن تي پوليس علائقي ۾ آپريشن ڪيو جنهن ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ دهشتگرد پڻ مارجي ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے