22 پیر , اکتوبر 2018

گوگل ”ميپ“ ۾ ننڍڙي تبديلي سان وڏو مسئلو حل

Fixed a big problem with a small change in Google "Map"ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جڏهن ڪنهن ويجهي عزيز، دوست ۽  ساٿي سان موبائل فون تي رابطو نه ٿي سگهي ته ذهن ۾ حادثو يا موبائل چوري ٿيڻ جهڙا خدشا گردش ڪرڻ لڳندا آهن پر هاڻ گوگل انهن خدشن جو حل ميپ(نقشي) جي صورت ۾ ڪڍي ورتو آهي. گوگل ميب ۾ فون جي بيٽري ختم ٿيڻ جي صورت ۾ لوڪيشن شيئر فيچر ۾ نئين فيچر جو واڌارو ڪيو ويو آهي جيڪو هنڌ شيئر ڪرڻ سان گڏ بيٽري جي معلومات فراهم ڪندو. جيئن واهپيدار جي لوڪيشن ان جي دوست کي واضح ٿيندي ان جي سامهون موبائل جي بيٽري ڪيتري آهي ان بابت پڻ آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن رابطو نه ٿيڻ جي صورت ۾ گهروارا يا دوست پريشان نه ٿين ۽ کين پتو پوي ته موبائل جي بيٽري ۾ چارجنگ ختم ٿي چڪي آهي. تصوير ۾ ان فيچر جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي جنهن سان خبر پيجي ويندي ته واهپيدار ڪيترو پري آهي ۽ ان جي بيٽري ڪيترا سيڪڙو باقي آهي. پر ياد رهي ته ان سهولت لاءِ گوگل ميپ لوڪيشن شيئر فيچر کي فعال ڪرڻ لازمي آهي. واضح رهي ته گذريل سال گوگل ميپ ۾”لوڪيشن شيئر“ فيچر متعارف ڪيو ويو هو جنهن جي تحت واهپيدار پنهنجو مقامي هنڌ دوستن سان شيئر ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطب اتر جي مستقل برف جو اڌ حصو ختم ٿي چڪو آهي: ناسا

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو وڏو انگ آب هوا ۾ تبديلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے