17 ہفتہ , نومبر 2018

چين پاران آمريڪي شين تي 60 ارب ڊالر جو نئون ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

China announces US $ 60 billion new tax on US goodsبيجنگ(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري جنگ سخت ٿي وئي آهي، بيجنگ واشنگٽن جي شين تي سٺ ارب ڊالرن جو نئون ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته چيني شين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويندو.آمريڪي ٽي وي موجب چين پهريون ڀيرو ايل اين جي يعني مايع گيس کي نئين حاصلات جي فهرست ۾ شامل ڪيو ۽ ان ئي ڏينهن آمريڪي ڪروڊ آئل جي سڀ کان وڌيڪ خريدار ڪمپني سنوپيڪ واپاري تڪرار سبب آمريڪا کان ڪچو تيل وٺڻ معطل ڪري ڇڏيو آهي.چين خبردار ڪيو ته هو وڌيڪ قدم به کڻي سگهي ٿو هن جو چوڻ آهي ته هو واشنگٽن سان واپاري جنگ ۾ گوڏا نه کوڙيندو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو ته هو چيني شين تي وڌيڪ ٻه سئو ارب ڊالر جو ٽيڪس لڳائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے