19 پیر , نومبر 2018

اتر ڪوريا آمريڪا سان معاهدي باوجود ايٽمي پروگرام تي ڪم ڪري رهيو آهي: گڏيل قومون

North Korea is working on the Atomic Program despite the agreement with the United States: United Nationsنيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن پنهنجي ڳجهي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اتر ڪوريا آمريڪا سان معاهدي جي باوجود ايٽمي پروگرام تي ڪم ڪري رهيو آهي، يو اين جي ان رپورٽ تي آمريڪا ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جو چوڻ آهي ته پيانگ يانگ کي سينگاپور ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي.پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن پنهنجي ڳجهي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اتر ڪوريا پنهنجا ايٽمي عزم نه ڇڏيا، پيانگ يانگ يورينيم ۽ پلوٽينيم افزردا ڪرڻ سان گڏوگڏ نون بحري ميزائلن تي به ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ سينگاپور ۾ پرڏيهي وزير اتر ڪورين هم منصب سان ملاقات ڪئي ۽ ايٽمي پروگرام ۽ ميزائل ٺاهڻ تي آمريڪي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو.ستر ڪوريا جي پرڏيهي وزير ري ينگ هو واپاري پابندين ۽ آمريڪي قدمن کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو، هن چيو ته اتر ڪوريا ٽرمپ ۽ ڪم جونگ اُن وچ ۾ سربراهي اجلاس ۾ ڪيل واعدن تي سختي سان قائم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے