16 جمعہ , نومبر 2018

بلاول سنڌ حڪومت سنڀاليندي ئي مراد شاهه کي عوامي ڪم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

Bilawal was given the task of making Public Works a public workڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ حڪومت سنڀاليندي ئي عوامي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن لاءِ هن طرفان مراد علي شاهه کي 6 مهينن ۾ ٽارگيٽ تي وڏي اڳڀرائي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ منشور جي روشني ۾ هدف طئي ڪري ورتا آهن جن موجب صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ انقلابي تبديلي جڏهن ته سفارشي ڪلچر جي خاتمي ۽ ميرٽ کي هٿي وٺرائڻ سنڌ جي نئين حڪومت جا هدف هوندا.ان سان گڏوگڏ زراعت ۾ انقلابي بهتري، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي پڻ شامل آهي جڏهن ته نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ پڻ بلاول منصوبو جوڙي ورتو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين نامز وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي ترجيحن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس 6 مهينن ۾ هدفن تي وڏي اڳڀرائي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے