19 پیر , نومبر 2018

قومي اسيمبلي اسپيڪر جي چونڊ، خورشيد شاهه جو اختر مينگل سان رابطو

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار خورشيد شاهه رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ هن بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل کي فون ڪري کيس حمايت جي درخواست ڪئي آهي. خورشيد شاهه موجب پ پ سدائين جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، اسان جمهوري عمل جو تسلسل چاهيون ٿا. اختر مينگل جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن ۾ اسلام آباد ايندس ۽ پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري کانپوءِ حتمي جواب ڏيندس. واضح رهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي طرفان مرڪز ۽ صوبي ۾ حڪومت جو حصو بڻجڻ بابت اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ پارٽي قيادت حڪومت سازي جي حوالي سان صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے