13 منگل , نومبر 2018

”جواني ڦر نهين آني 2“ جو ٽائيٽل سانگ راتورات مقبول

ڪراچي (شوبز نيوز) هدايتڪار نديم بيگ جي فلم ”جواني ڦر نهين آني ٽو“ جي ٽائيٽل سانگ رليز ٿيندي ئي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. مشهور فلم ”جواني ڦر نهين آني“ جي سيڪوئل جو ٽائيٽل گيت ”تلي والي جوتي“ گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو هو، جنهن کي يو ٽيوب تي هيل تائين لکن جي انگ ۾ ماڻهو ڏسي چڪا آهن. گيت جا ٻول ۽ ڌن ان انداز ۾ ترتيب ڪئي وئي آهي جو ماڻهو ان کي گهڙي گهڙي ڏسڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. ان گيت ۾ مشهور راڳي عارف لوهار ۽ احمد علي بٽ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي. فلم جو ٽريلر ۽ گذريل ڏينهن رليز ٿيندڙ گيت ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها به گذريل فلم جيان ڪامياب ويندي ۽ ٿي سگهي ٿو هلندڙ سال جي ڪامياب ترين فلم جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے