21 بدھ , نومبر 2018

شهباز شريف اين اي 249 جي نتيجي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف اين اي 249 جي نتيجن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ درست نه ڪئي وئي. شهباز شريف جي درخواست جي متن موجب رد ٿيل ووٽن جي ڀيٽ ۾ کٽيندڙ جي ووٽن جو فرق رڳو ڪجهه سئو جو آهي. هن درخواست ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن اين اي 249 ۾ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو وڃي. درخواست بئريسٽر ظفرالله طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. واضح رهي ته اين اي 249 ۾ شهباز شريف کي تحريڪ انصاف جي فيصل واوڊا هٿان شڪست ملي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے