14 بدھ , نومبر 2018

تحريڪ انصاف سان معاهدي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو: وسيم اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته اسان وٽ تحريڪ سان معاهدي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ڇو ته عوام ن ليگ ۽ پ پ کي آزمائي چڪو آهي. ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي، جيڪو صوبائي آمدني ۾ 95 سيڪڙو ۽ ملڪي آمدني ۾ 65 سيڪڙو جو حصيدار آهي، ٻن وڏين سياسي پارٽين جون حڪومتون ان شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. سندس چوڻ هو ته شهر جا مسئلا سياسي نه پر انساني آهن، ڪنهن پارٽي يا اداري شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڪراچي جا مسئلا سياست کان الڳ آهن، سڀني سياسي جماعتن ۽ تنظيمن کي مسئلن بابت سوچڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے