23 منگل , اکتوبر 2018

ڏُکي توءِ ڏڪارَ، توڙي وسن مينهڙا

چون ٿا ته ٿر ۾ هيل معمول کان گهٽ مينهن وسڻ ڪري ٿر جي ماڻهن ڏڪر کان بچڻ لاءِ بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، هيءُ ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ٿر جي ماڻهن پنهنجي ديس ۾ ڏڪارَ سبب ڳَڀي جي ڳولا ۾ بئراجي/پاڻيءَ وارن علائقن جو رُخُ ڪيو آهي پر ٿر ۾ جڏهن به ڏڪارُ ڪَرُ کڻندو آهي ته ٿر جي ماڻهن جي پنهنجي ڪٽنب ڪهول ۽ مالَ متاع سميت منزل بئراجي علائقائي هوندا آهن، ميڊيا ئي اطلاع آهن ته مينهنُ ته وٺو آهي، پر اهو ٿوري حصي تي وسيو آهي، گهڻي تي نه، يعني ٿر ۾ ٿورو ڪي گهڻو مينهن وسيو ضرور آهي پر اهو ٿر واسين لاءِ سُڪار جو باعث بڻجي نه سگهيو آهي ۽ ٿر واسي اڄ به ”ڏُکي توءِ ڏڪارَ، توڙي وسن مينهڙا“ واري ڪيفيت ڀوڳي رهيا آهن.

اصل ۾ هن ڀيري سڄي سنڌ ۾ ٿر جهڙي صورتحال لڳي پئي آهي، ٿر جا ماڻهو جن بئراجي /پاڻيءَ وارن علائقن ڏانهن سوڪهڙي ۽ ڏڪار کان بچڻ لاءِ منهن ڪندا آهن، تن علائقن جي وري اها صورتحال آهي جو اتي ٻهراڙيءَ ۾ زراعت تي دارومدار رکندڙ ماڻهن کي خريف جي مند جو فصل پوکڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، واهن ۽ شاخن مان ڌوڙ پئي اڏامي، سارين جي پوک لاءِ ريج ته ٺهيو، ماڻهن کي سارين جو ٻيجارو پوکڻ لاءِ به پاڻي ڪونهي، شهرن ۾ وري اها صورتحال آهي جو ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، جيڪو آهي سو وري پيئڻ جهڙو ناهي، جيڪي ماڻهو ٻي ڪا واهه نه هوندي اهو پاڻي پيئن ٿا سي مختلف بيمارين جي منهن ۾ آهن.

ڪالهوڪين اخبارن ۾ هڪ خبر ٿر مان ڏڪار سبب ماڻهن جي بئراجي، علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جي خبر ڇپي آهي ته ٻي خبر وري اها شايع ٿي آهي ته ٿر ۾ هن وقت چونڊيل نمائندن جو سُڪارُ آيل آهي، ٿر مان 6 ايم پي ايز، ٻه ايم اين ايز ۽ ٻه سينيٽر هئڻ جي خبر ڇپي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٿر مينهن نه پوڻ سبب بدترين ڏُڪار ڀوڳي رهيو آهي، خاص ڪري اهڙي وقت جڏهن بئراجي علائقن ۾ ئي پاڻي جي شديد کوٽ هجي اهڙي وقت ٿر جي ڇا صورتحال هوندي؟ هر ڪو چڱي ريت ان جو ادارڪ ڪري سگهي ٿو.

ٿر اڄ جي جديد ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به جنهن صورتحال کي ڀوڳي رهيو آهي، اهڙي صورتحال مان صدين کان گذرندو رهيو آهي، افسوس جي  ڳالهه بس اِها آهي ته ٿر کي بُک، بدحالي ۽ ڏڪارَ جي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ۽ عملي اپاءَ ٿيڻ کپن ها، سي چونڊيل توڙي اڻ چونڊيل ڪنهن به حڪومت ۾ ٿيندي نظر آيا آهن، تنهن ڪري اڄ جي جديد ۽ سجاڳيءَ واري دور ۾ به ٿرين جا اهي سورَ ساڳيا آهن، جيڪي ڄائي ڄَمَ کان  کين نصيب ٿيا هئا.

ٿر جي واريءَ جي ڀٽُن هيٺان 175 ارب ٽن ڪوئلو دفن آهي، جنهن کي ڪارو سون به چون ٿا، ۽ ٿر ۾ ڪوئلي جا جيڪي ذخيرا موجود آهن سي دنيا جا پنجون نمبر وڏا ذخيرا آهن،  سو هڪ  لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته قدرتي وسيلن جي لحاظ کان ٿر هن ملڪ جو شاهوڪارَ خطو آهي پر سرڪاري مِهِرَ جي لحاظ کان انتهائي غريب ۽ بدقسمت علائقو آهي، چين-پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي کانپوءِ چيو وڃي ٿو ته ٿر جي قسمت به جاڳي آهي، ٿر جي بلاڪ نمبر 2 مان سنڌ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني ڪوئلو ڪڍڻ واري سطح کي ڇُهي چُڪي آهي، ٿر ۾ چيني ڪمپنيون به ڪم ڪن پيون، ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جو ڪم به تيزيءَ سان هلي پيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿري عورتون ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ واري منصوبي ۾ ڊمپرن جي ڊرائيور طور کڻي کين روزگار فراهم ڪيو ويو آهي، ٿر ۾ ڪوئلو ملڻ، دير سان ئي سهي ان سان بجلي ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪرڻ، ٿر ۾ ڪوئلي جي صنعت لاءِ گهربل تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ اُتي ئي فني تربيتي ادارن جو قيام ٿر لاءِ خوشيءَ جي خبر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي پر ڏڪارُ جيڪو ڪينسر جو مرض بڻجي چڪو آهي تنهن مان ٿر واسين جي جند نه ڪلهه ڇُٽي هئي، نه اڄ ڇٽندي نظر اچي رهي آهي، جيڪا ٿر واسين لاءِ ڪا چڱي خبر ناهي.

ڏڪار ۽ ٿر ٻه لازم ۽ ملزوم شيون بڻجي چڪيون آهن، ٿر ۾ ترقيءَ جا ڀلي رڪارڊ ئي ڇو نه ٽوڙيا وڃن پر ٿر وارن جي قسمت ۾ بنيادي …. ڏڪار جو سبب سو ڪهڙي جو ٽوڙ ڳولڻ کانسواءِ اچڻ ممڪن ناهي، ٿر معدني وسيلن سان مالا مال آهي ، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان علاوه پرڏيهي سيڙپڪارن جي نگاهن جو به مرڪز بڻيل آهي، سو اهڙي خدقسمت خطي ۾ ٻيو ته ٺهيو پر ماڻهن کي پيئڻ لاءِ به پاڻي ميسر نه هجي ته ان کان وڌيڪ ندامت جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. ٿر جي دردن جي درمان ۽ مارو ماڻهن جي ڏڪار مان هميشه هميشه لاءِ جند ڇڏائڻ لاءِ سنجيده ڪوشش ۽ عملي قدمن جي ضرورت آهي.

سڀ کان اول ته سرڪاري سطح تي ٿر تائين پوکي توڙي پيئڻ لاءِ پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. بئراجي علائقن ۾ واڌو پاڻيءَ جي صورت ۾ اهو ٿر تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻ سان گڏوگڏ سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري ٿر تائين پهچائڻ جي به ضرورت آهي، ملڪ جي ۽ سنڌ جي معاشي خوشحالي جو مستقبل ٿر سان ڳنڍيل آهي، سو اهو ٿر جنهن ۾ ملڪ مان توانائي بحران ختم ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت موجود هجي، جنهن جي زمين هيٺ دفن ڪاري سونَ کي مڪمل طور ڪتب آڻڻ جي صورت ۾ ملڪ جي معاشي خوشحالي يقيني نظر ايندي هجي، اهڙي علائقي ۾ جي سرڪار سچي ٿئي ته ماڻهن کي پيئڻ لاءِ، مال متاع لاءِ ۽ پوکي راهيءَ لاءِ پاڻي پهچائڻ ڪو مسئلو ڪونهي.

نه رڳو سرڪار پر اهي ڇهه ايم پي ايز، ٻه ايم اين ايز ۽ ٻه سينيٽر جيڪي ٿر جي مٽيءَ سان تعلق رکن ٿا، ٿر جي ماڻهن جي ووٽ ذريعي ايوانن ۾ پهتا آهن، تنهن جو به فرض آهي ته اهي پنهنجا واسطا ۽ وسيلا ٿر جي ماڻهن کي سندن درن تي پاڻي پهچائڻ لاءِ استعمال ڪن، ٿر جي ماڻهن جي رزق روزگار جي حساب سان گهڻو دارومدار جو پاڻي مال تي هجي ٿو، سو ٿر ۾ جڏهن پاڻي پهچندو ته هڪ ته اتي زراعت کي هٿي ملندي، ٻيو ته پاڻي جيئن ته خوشحاليءَ جي نشاني آهي، سو جڏهن وڻن، سندن جانورن ۽ ٻين پارن ۾ ته پهچندو ته سندن مرجهايل چهرا مرڪي پوندا. اڄ جي جديد دور ۾ ٿر مان ڏڪارُ ختم ڪري اتي سُڪار جو سامان مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪم جي پڄاڻيءَ تي چڙهن ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ۽ چونڊيل نمائندا آسانيءَ سان ڪم ڪري سگهن ٿا، ان ڏس ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سيڙپ جو ڪجهه سيڪڙو حصو ٿر ۾ پاڻي جي فراهميءَ لاءِ رکڻ جو پابند بڻايو وڃي ته اهو ڪم اڃا به آسان ٿي سگهي ٿو.

سومر 6 آگسٽ 2018ع، 23 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے