13 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ: نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  وارثن جو احتجاج

Kandhkot: Protest by heirs for the arrest of murderer*ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو .

 مقتول نوجوان امام بخش سهرياڻي جي وارثن سندس امڙ مائي چڱي ، ڀاءُ قادر بخش سهرياڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس جي مک دروازي اڳيان احتجاج ڪيو .

هنن ٻڌايو ته بڙدي موڙ وٽ ممتاز پٺاڻ ،شعيب،زڪريا پٺاڻ سميت 5 هٿياربندن  امام بخش سھرياڻي مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري کيس  قتل ڪري ڇڏيو هو.

 هنن ٻڌايو ته پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو پر 2 ڄڻا اڃا تائين فرار آهن جن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٽنڊو باگو: پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان پاران ساهرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

ٽنڊي باگي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان پاران ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ملڪاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے