17 ہفتہ , نومبر 2018

اسان جي جنگ رڳو دهشتگردي جي خلاف آهي: نگران سڌُ سماءَ وارو وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران سڌُ سماءَ واري وزير بيرسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته اسان جي جنگ رڳو دهشتگردي جي خلاف آهي. غربت جي خاتمي ۽ معيار زندگي جي بهتري لاءِ خاص بندوبست جي ضرورت آهي. تفصيل موجب نگران سڌُ سماءَ واري وزير بيرسٽر علي ظفر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جو آءِ ايم ايف سان معاملن جو ڪو به تعلق ناهي. بيرسٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته اسان تهذيب ۽ ثقافت دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي. خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي لاءِ هر ممڪن بندوبس ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان جي جنگ رڳو دهشتگردي جي خلاف آهي. غربت جي خاتمي ۽ معيار زندگي جي بهتري جي لاءِ خاص بندوبستن جي ضرورت آهي. نگران سڌُ سماءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته اسان کي پاڻي جي قلت ۽ وڌندڙ آبادي جي دباءَ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے