16 جمعہ , نومبر 2018

بني گالا حددخليون ڪيس: سپريم ڪورٽ سرويئر جنرل آف پاڪستان کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

Ghouspur: Due to lack of development work due to the contractor, the Asylum Park has been killed for 5 yearsاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ بني گالا ۾ حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته سروي آف پاڪستان جو سربراهه ڪير آهي؟ تفصيل موجب سپري ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بني گالا حددخلين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  چيف جسٽس ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته سروي آف پاڪستان جو سربراهه ڪير آهي؟ جنهن تي نمائندي سروي آف پاڪستان نور الاهي جواب ڏنو ته جميل اختر رائو سربراهه آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته اڄ طلب ڪو هو ڇو ناهي آيو، وڃو ۽ وقفي تائين هن کي گهرايو، سروي مڪمل ٿيو آهي؟ ڪيترو وقت وڌيڪ گهربل آهي. سروي آف پاڪستان جي نمائندي جواب ڏنو ته اسان کي وڌيڪ وڌيڪ مهيني جو وقت گهربل آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايترو وقت نٿا ڏئي سگهون.  چيف جسٽس چيو ته  صبح اچو ۽ جواب ڏيو ته ايترو وقت ڇو کپي ۽ گن ڪلب واري معاملي ۾ به اچي جواب ڏيو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ سرويئر جنرل آف پاڪستان کي سڀاڻي طلب ڪندي بني گالا حددخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي نالي تي ڌرڻو هڻندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٽي ايل پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے