19 پیر , نومبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ راڻا ثناءُ الله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 106 تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اين اي 106 فيصل آباد تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر نثار درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته راڻا ثناءُ الله نواز شريف جي استقبال کي حج جي برابر قرار ڏنو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته راڻا ثناءُ الله آئين جي آرٽيڪل 63-62 جي ڀڃڪڙي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ان ڪري هن کي نااهل قرار ڏئي قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو وڃي. عدالت راڻا ثناءُ الله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيش روڪيندي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے