18 اتوار , نومبر 2018

ن ليگ جي مجلس عاملا شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مجلس عاملا شهباز شريف کي وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ ن ليگ جي مجلس عاملا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته گڏيل راءِ سان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مجلس عاملا جي اجلاس ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل ڌانڌلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن جي ڪوتاهين ۽ نااهلي تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اميدوارن کي فارم 45 اڄ تائين نه ڏنو ويو ۽ جتي فارم 45 ڏنو ويو، انهن ۾ گهڻا نتيجا ڪچين پرچين تي شامل هئا. هن چيو ته پنجاب جا چونڊ نتيجا روڪيا ويا ۽ هڪ ئي وقت سڄي پاڪستان ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم کي ويهاريو ويو ته جيئن ان جو استعمال نه ٿي سگهي. مريم اورنگزيب چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف 8 آگسٽ تي ملڪ جون سمورين وڏين پارٽين تي ٻڌل پاڪستان الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن طرفان اي سي پي جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، ووٽ جي چوري خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهري ۾ سڄي ملڪ مان ن ليگ جا ٽڪيٽ هولڊر شرڪت ڪندا. ن ليگ اڳواڻ چيو ته مجلس عاملا اجلاس ۾ ميڊيا تي جبري سينسر شپ تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ آزاد صحافت جو آواز دٻائڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف ڌر چاهي ٿي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان نه ڏيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے