14 بدھ , نومبر 2018

ناصر حسين جي ورات ڪوهلي تي ڇتي تنقيد

لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ورات ڪوهلي انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران پهرين اننگز ۾ 149 ۽ ٻي اننگز ۾ 51 رنسون ٺاهڻ باوجود پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو هو. ميچ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ورات ڪوهلي گهڙي گهڙي پنهنجي اننگز جو ذڪر ڪيو، جنهن مان ائين پئي لڳو ته هن شڪست جي ذميواري قبول نه ڪئي، ان جي ردعمل ۾ اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ۽ ڪمينٽريٽر ناصر حسين ڀارتي ڪپتان تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ناصر حسين موجب رڳو اننگز کيڏڻ ئي ڪارنامو ناهي هوندو، ڪپتان طور ورات ڪوهلي کي شڪست جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، هن ٻي اننگز ۾ ان وقت وڪيٽ ضايع ڪئي، جڏهن ٽيل اينڊرز سان گڏجي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري پئي سگهيو. واضح رهي ته ڀارتي ٽيم کي برمنگهم ٽيسٽ ۾ انگلينڊ هٿان دلچسپ مقابلي کانپوءِ 31 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے