21 بدھ , نومبر 2018

پريانڪا کي هالي ووڊ جو شوق، ڀنسالي سان گڏ ڪم کان انڪار

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا اڄڪلهه بالي ووڊ بدران هالي ووڊ فلمن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن سلمان خان کانپوءِ فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي کي به دوکو ڏئي ڇڏيو آهي. پريانڪا چوپڙا ڪجهه ڏينهن اڳ سلمان خان جي فلم ”ڀارت“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جڏهن ته هاڻ هن سنجي ليلا ڀنسالي جي ايندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان به معذرت ڪري ڇڏي آهي. اطلاعن موجب ڀنسالي ڀارتي گينگسٽر عورت ”گنگو بائي ڪوٺي والي“ تي فلم ٺاهڻ جو خواهشمند هو، جنهن لاءِ هن پريانڪا چوپڙا کي ڪاسٽ ڪرڻ چاهيو پر اداڪارا جي ترجيح تبديل ٿي وئي ۽ هن فلمساز جي فلم ۾ ايڪشن ڏيکارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب پريانڪا چوپڙا تازو هڪ هالي ووڊ فلم ”ڪائو بواءِ ننجا وائڪنگز“ ۾ ڪم لاءِ معاهدو ڪيو آهي، جنهن سبب هن بالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته هاڻ سنجي ليلا ڀنسالي جي ان فلم ۾ پريانڪا جي جاءِ تي ڪهڙي اداڪارا کي شامل ڪيو ويندو ۽ اها فلم ڪڏهن رليز ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اداڪارا ميرا سيٺي پنهنجي ويجهي دوست سان مڱڻي ڪر ي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽي وي اداڪارا ۽ فلم“سات دن محبت ان” ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے