21 بدھ , نومبر 2018

عمران خان چئلينجن بابت آگاهه آهي، اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين: قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چون ٿا مضبوط اپوزيشن ٺهي رهي آهي، عمران خان جي نظر ۾ اها ڪمزور ترين اپوزيشن آهي، اڄ تحريڪ انصاف جي خوف سبب پ پ ۽ ن ليگ گڏجي رهيون آهن. تحريڪ انصاف جي پارلياماني اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هي ووٽ روايتي سياست ڪرڻ جو نه پر عوام جي اعتماد جو آهي، وزيراعظم لاءِ عمران خان ئي اسان جو اميدوار آهي، آزاد اميدوار تحريڪ انصاف کي ترجيح ڏني ۽ اسان سان گڏ ٿيا، پي ٽي آءِ جي پنجاب، سنڌ، ڪي پي، بلوچستان ۽ وفاق ۾ نمائندگي آهي، هاڻ اسان کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي، عمران خان معيشت بابت چئلينجن کان آگاهه آهي، ڀرپور ڪوشش هوندي ته عوام جي اعتماد تي پورا لهون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے