20 منگل , نومبر 2018

هيلي ڪاپٽر ڪيس: عمران خان نيب ڪي پي ڪي ۾ پيش

Official Helicopter Case: NAB Imran Khan asks on 7th August

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان هيلي ڪاپٽر ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) خيبرپختونخواهه جي اڳيان پيش ٿيو، جتي کائنس هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ان موقعي ڪي پي ڪي جو اڳوڻو وڏي وزير پرويز خٽڪ، خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر پڻ ساڻس گڏ هئا. واضح رهي ته نيب ڪي پي ڪي 3 آگسٽ تي عمران خان کي صوبائي حڪومت جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ اڄ طلب ڪيو هو. ذريعن موجب نيب طرفان 15 سوالن تي ٻڌل هڪ سوالنامو عمران خان کي ڏنو ويو. هن ڪيس جي سلسلي ۾ خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ ايوي ايشن اختيارين  جا بيان اڳ ئي قلمبندٿي چڪا آهن. ياد رهي ته جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال 2 فيبروري تي عمران خان طرفان سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سرڪاري هيلي ڪاپٽر ايم آءِ 17 تي 22 ڪلاڪ ۽ ايڪيوريل هيلي ڪاپٽر تي 52 ڪلاڪن تائين سفر ڪرڻ جي ايوريج 28 هزار رپيا في ڪلاڪ جي حساب سان 74 ڪلاڪن جا 21 لک 7 هزار 181 رپيا ادا ڪيا جاري ڪيل پڌرائي موجب چيو ويو آهي ته هڪ رپورٽ موجب عمران خان جيڪڏهن خانگي ڪمپنين کان هيلي ڪاپٽر حاصل ڪري ها ته ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر جو في ڪلاڪ جو خرچ 10 کان 12 لک رپيا جڏهن ته ايڪيوريل هيلي ڪاپٽر جو في ڪلاڪ جو خرچ 5 کان 6 لک رپيا ادا ڪرڻو پوي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا کي اسان جون قربانيون تسليم ڪرڻ گهرجن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے