22 جمعرات , نومبر 2018

ڪاڪردگي ۾ بهتري لاءِ نوجوانن کي موقعا ڏيڻا پوندا: انضمام الحق

Youths will be given opportunities for improvement in competition: Inzmam ul Haqلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته ڪارڪردگي ۾ تسلسل لاءِ نوجوان ڪرڪيٽرن کي موقعا ڏيڻ پوندا جڏهن وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ بهتري ايندي. آءِ سي سي کي انٽرويو ڏيندي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته 1992 جي عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ ٻن اننگزن سان ملندڙ اعتماد سڄي ڪيريئر ۾ مون سان گڏ رهيو، ميگا ايونٽ جي ڪاميابيءَ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  ڪهڙو به ڪرڪيٽر هجي راند سان جذباتي لڳاءُ سبب ان جو ڪرڪيٽ کان پاسيرو رهڻ مشڪل آهي،  مان به ريٽائر ٿيس ته ڪجهه عرصو پنهنجن ٻين ڪمن ۾ مصروف رهيس، پر ان دوران به دل چوندي هئي ته ڪرڪيٽ واري پاسي ڏانهن اچان ۽ ان راند سان سلهاڙيل رهان،  افغانستان لاءِ هڪ سال جي ڪوچنگ ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن بعد هن وقت تائين پي سي بي گڏ چيف سليڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيون آهيان، ٻئي ڪم مختلف نوعيت  آهن پر دلچسپ آهن، مان پنهنجي ذميداري مان لطف حاصل ڪري رهيو آهيان. انضمام الحق چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ڪهڙو به ڪردار هجي اڳوڻي ڪرڪيٽر لاءِ اطمينان جو سبب هوندو آهي، قومي ٽيم جي چونڊ ڪرڻ جو تجربو پڻ سٺو رهيو، چيمپئنز ٽرافي ۾ گرين شرٽس جي ڪارڪرگي بهترين رهي، نيوزيلينڊ ۾ راند جي معيار برقرار نه رکي سگهياسين، ٽيم ڪيترن ئي نوجوان رانديگرن تي ٻڌل ۽ نئين سر سان تيار ٿيڻ واري مرحلي مان گذري رهي آهي، ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ اسان کي نوجوانن کي موقعو ڏيڻو پوندو ۽ ان جا مستقبل ۾ بهترين نتيجا نڪرندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريلوي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ اڄ کان شروع

سڊني (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ منعقد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے