13 منگل , نومبر 2018

آمريڪا ايران تي ٻيهر اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، تهران جي سخت مذمت

US sanctioned economic sanctions on Iran, Iran's strict condemnationواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران تي ٻيهر اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون،  جنهن ذريعي تهران جي آمريڪي ڪرنسي تائين پهچ ۽ اهم صنعتن کي نشانو بڻايو ويو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ايران تي پابندين جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيح ڪئي جنهن بعد پابندين جي پهرين مرحلي جي شروعات ٿي وئي آهي، ٻيو مرحلو نومبر ۾ شروع ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا، ايران سان نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن ۾ ايران جي منفي سرگرمين جنهن ۾ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ دهشتگردي جي حمايت شامل آهن جو به ذڪر ڪيو ويو . ياد رهي ته 2015 ۾ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ ايران ۽ 6 عالمي طاقتن جي وچ ۾ جوهري معاهدو ٿيو هو جنهن سبب ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام معطل ڪري ڇڏيو هو موجودا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شروع کان ئي ان  معاهدي جي خلاف هو. آمريڪا جي نئين پابندين سبب ايران تي آمريڪي ڊالر خريدڻ ۽ ايراني ڪرنسي ۾ واپار ڪرڻ تي پابندي هوندي جڏهن ته اهي پابنديون ڪارسازي واري صنعت، سون ۽ ٻين قيمتن شين جي واپار تي پڻ لاڳو ٿينديون. ٻئي پاسي ايراني صدر حسن روحاني آمريڪي پابندين بعد سرڪاري ٽي وي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته ايران سدائين سفارتڪاري جو حامي رهيو آهي پر آمريڪا جون ڳالهين باوجود پابنديون سمجهه کان ٻاهر آهن. هن چيو ته آمريڪا، ايراني عوام جي خلاف نفسياتي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ انهن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ايراني قوم ان مشڪل صورتحال ۾ معاشي ڏکيائن جو گڏجي مقابلو ڪندي. هوڏانهن يورپي يونين آمريڪي پابندين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران سان ڪاروبار ڪندڙ يورپي ڪمپنين جي حقن جي حفاظت ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے