14 بدھ , نومبر 2018

افغانستان ۾ طالبان جو حملو،  40 افعان فوجي مارجي ويا

Taliban attack in Afghanistan, 40 aftershocks killedڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ازرگان ۾ طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ 40 فوجي مارجي ويا. صوبي ازرگان ۾ هڪ فوجي اڏي تي طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ 40 فوجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي گم ٿي ويا. حملي بعد ٿيندڙ چڪرين ۾ دهشتگردن جو به جاني نقصان ٿيو، طالبان طرفان فوجي اڏي تي قبضي جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. واقعي واري هنڌ تي ازرگان صوبي چنارتو جي پوليس ڪمشنر اختر محمد ان واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي ۾ ڪيترائي فوجي گم آهن. اختر محمد ٻڌايو ته ان حملي بعد ٿيندڙ چڪرين ۾ دهشتگردن جو به جاني نقصان ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے